سيد حضرت اسد الله شاهه جو ميلو

سيد حضرت اسد الله شاهه جو ميلو: سيد حضرت اسدالله شاهه جو ميلو هر سال 2 کان 4 ذوالقعد تائين ٽنڊي يوسف، ميرپورخاص روڊ حيدرآباد ۾ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ راڳ رنگ جي محفل پڻ مچندي آهي. هن ميلي جي موقعي تي ملاکڙا، گهوڙن، اٺن، ۽ ڍڳن جا مقابلا، چوپائي مال جو وڪرو، پوڙهن، پڪن ۽ ٻارن جي تفريح لاءِ وڏي تعداد ۾ مٺاين، کائڻ جي شين، رانديڪن، عورتن جي سينگار جي سامان جا وڏا وڏا دڪان، عوام کي کاڌ، خوراڪ مهيا ڪرڻ لاءِ هوٽل ۽ تفريح لاءِ سرڪس لڳندا آهن. هن ميلي ۾ ڏورانهن هنڌن ۽ آسپاس کان ماڻهو اچي ميلو گهمندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو